رانـجهـاڻي عـزيـز

رانـجهـاڻي عـزيـز

رانجهاڻي عزيز

رانـجهـاڻي، عـزيـز: نـامـور اديـب ۽ مـحـقـق عـبدالـعـزيـز رانجهاڻي، 7 سيپٽمبر 1968ع تي دادو ضلعي جي تعلقي جوهيءَ جي ڳوٺ ڇنيءَ ۾ ڄائو. ابتدائي پرائمري تعليم ڳوٺ مان وٺي، مئٽرڪ ۽ انٽر دادوءَ مان پاس ڪيائين. مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشوري مان پئٽروليم ۽ گئس ۾ بي. اِي جي ڊگري حاصل ڪيائين. 1996ع ۾ ملڪي سطح تي تيل ۽ گئس جي ترقياتي اداري آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪمنپي لميٽيڊ (O.G.D.C.L) ۾ پئٽروليم انجنيئر مقرر ٿيو. سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي ڪيترين ئي فيلڊن ۾ پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏئي چڪو آهي. 1980ع کان وٺي ڪيترين ادبي ۽ سماجي تنظيمن سان واڳاپيل به رهيو آهي، جن ۾ سنڌي ادبي سنگت، سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن، شهري اتحاد، هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان، فرينڊس آف انڊس، لعل شهباز ميلا ڪميٽي، دادو پريس ڪلب، دادو شهري اتحاد، کيرٿر ايڪسپلورر، شهري تنظيم (سي. بي. اي)، شامل آهن. هن ابتدا ۾ عزيز ڪاڇيلي جي نالي سان لکيو. 1985ع کان وٺي عزيز رانجهاڻي صحافت سان لاڳاپيل رهيو. هفتيوار ’برسات‘ ڪراچي، جنگ گروپ جي انگريزي اخبار ’دي نيوز‘ ڪراچي، ’سنڌ ٽربيون‘ ڪراچي، ’جاڳو‘ ڪراچي، پي. پي. آءِ نيوز ايجنسي، هلال پاڪستان ۽ ٻين ڪيترن رسالن ۽ اخبارن ۾ رپورٽر ۽ ليکڪ طور پنهنجون صحافتي ذميواريون نڀائيندو رهيو آهي. هن ماحوليات، سياحت، ثقافت، آثار قديمه ۽ ٻين موضوعن تي انيڪ مضمون ۽ ڪالم لکيا آهن. کيس مختلف شعبن ۾ بهتر ڪارڪردگيءَ سبب اوارڊ به مليا آهن. 1993ع ۾ لعل شهباز قلندر جي ميلي جي موقعي تي دادو ضلعي جي تاريخي ماڳن ۽ مڪانن جي فوٽوگرافي، نمائش ۽ ميلي جي انتظامن تي کيس ’شهباز اوارڊ‘ مليو. 1998ع ۾ منڇر ڍنڍ ۾ ماحولياتي گدلاڻ بابت مسلسل لکڻ تي اقوام متحده جي عالمي اداري آءِ. يو. سي. اين (I.U.C.N) پاران کيس اوارڊ ۽ انعام سان نوازيو ويو. 2012ع ۾ ڊبليو. ڊبليو. ايف (W.W.F) ۽ فرينڊس آف انڊس پاران کيس گرين جرنلسٽ اوارڊ ڏنو ويو.
عزيز رانجهاڻي پيشوراڻين ذميوارين سان گڏ لکڻ پڙهڻ، سياحت ڪرڻ ۽ دوستن سان گڏ مهم جوئيءَ کي جاري رکندو اچي. منڇر ۾ ماحولياتي آلودگيءَ جي وقت سر نشاندهي ڪرڻ ۽ هن وسيع ڍنڍ کي بچائڻ لاءِ ميڊيا ذريعي آواز اٿارڻ ۽ تاريخي گنجي ٽڪر تي پنڊپهڻ ٿيل انساني پيرن جي دريافت سندس نمايان حاصلات آهن. هن گورک جبل جي ترقيءَ، ڪاڇي جي مسئلن ۽ منڇر کي بچائڻ لاءِ ڪافي لکيو آهي. هو سنڌ ۽ پنجاب جي قديم آثارن، ماڳن مڪانن، ڍنڍن ۽ ڇَرُن، جابلو چوٽين ۽ ميدانن ۾ بدر ابڙي، سيد حاڪم علي شاهه بخاري، اشـتيـاق انصـاري ۽ ٻين سان سفر ڪري چڪو آهي. عزيز رانجهاڻيءَ جا ٻه ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن: (1) ’سنڌ جون ڍنڍون‘ (جلد پهريون) ۽ (2) ’مها ٻوڏ‘ (11-2010ع)، پوئين ڪتاب ۾ ’سنڌوءَ جي ساڄي ۽ کاٻي ڪناري‘ 2010ع ۽ 2011ع ۾ ٽوڙي بند ٽٽڻ ۽ برساتن سبب سنڌ جي جيڪا تباهي ۽ لڏپلاڻ ٿي، ان جو مفصل احوال ڏنو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1968.09.07  عيسوي

نـامـور اديـب ۽ مـحـقـق عـبدالـعـزيـز رانجهاڻي، 7 سيپٽمبر 1968ع تي دادو ضلعي جي تعلقي جوهيءَ جي ڳوٺ ڇنيءَ ۾ ڄائو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حبيب سنائي
اسرار شام
چنا شبير ’ناز‘
رئوف نظاماڻي
سليم الله مخدوم پاٽائي
روشن گولاڻي ڊاڪٽر
ڊومڪي حڪيم عبداللطيف
غلام مصطفيٰ سولنگي 2
عنايت الله سومرو سهيل
پرويش شاهين
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون